اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي آبادڪاري جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، اين ڊي ايم اي ۽ ا??ن ايڇ اي جو متاثرين کي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، وڌيڪ برساتن جي امڪان جي ??س ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائين. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ بوڏ سٽيلن جي بحالي تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري ريليف ۽ بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مواصلات واري وزير مولانا اسعد محمود، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير شازيه مري، ريلوي ۽ هوابازي واري وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي ??شمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، صوبائي اسيمبلي ميمبر ثناءُ الله بلوچ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي امداد ۽ ا??فراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ جاري صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي ??وششن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم متاثرين جي آبادڪاري جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورن وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم متاثر ماڻهن جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي وقت سر بحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ا??ن ايڇ اي جي ??ردار کي ساراهيو ۽ ا??هن کي وڌيڪ برساتن جي امڪان جي ??س ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.