دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر انويسٽمينٽ ا??ار??ي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ ا??ار??ي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ ا??ار??ي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ ??زي??اعظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار ??زي??اعظم سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي ??زي??اعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ??زي??اعظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم پاڪستان جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جي آزاداڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ڪندي ??زي??اعظم قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، م??ري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. ??زي??اعظم قطر انويسٽمينٽ ا??ار??ي کي شفاف ۽ تيزي سان معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، م??مان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. ??زي??اعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر انويسٽمينٽ ا??ار??ي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفان نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي رابطو برقرار رکندا. ??زي??اعظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ ا??ار??ي جي وفد پاڪستان کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.