اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف سمُورا قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪ??ري ذريعن موجب وزيراعظم شهب??ز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرملڪي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شهب??ز شريف هدايت ڪئي ته غيرملڪي تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شهب??ز شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪ??ري ذريعن موجب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا سرڪ??ري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ??ال??ت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ??ال??ت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪ??ري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيراعظم شهب??ز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شهب??ز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا غيرملڪي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.