اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان سان قانوني مدد جي حوالي سان ??کت معاهدو نه رکندڙ ملڪن پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وزارت جي سمري م??ظور ڪري ورتي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي حوالي سان بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي فراهمي جي م??ظوري پڻ ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم سمورن ??ابينا ميمبرن ??ي ڀليڪار چيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي ڪوٽا تي حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي معاملي جي انڪوائري رپورٽ بحث هيٺ آئي. ان معاملي تي جوڙيل ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي معاملي ۾ مفاهمت جا مسئلا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي بدنيتي جا ثبوت نه مليا. جن بئنڪن پاران حاجي سڳورن جي حڪومتي ڪوٽا تي اوور بڪنگ ڪئي وئي هئي، انهن بئنڪن پاران حاجي سڳورن ??ي معاوضي جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اها هدايت ڪئي ته انهن بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بئنڪن کي پنهنجو ڪم موڪل واري ڏينهن به جاري رکڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اهڙن ملڪن جن سان پاڪستان جو قانوني مدد جي حوالي سان ڪو ??کت وارو معاهدو نه آهي پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وزارت جي سمري م??ظور ڪري ورتي. وفاقي ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته آئون دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي قطعي حمايت نه ٿو ڪريان. وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي بجلي سان هلندڙ پنکن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ جي مدي ۾ 30 جون 2023ع تائين توسيع جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان 30 جون 2023ع کان اڳ گهٽ کان گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ کي بهتر ڪوالٽي تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا ليجيسليٽو ڪيسز بابت ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. جن ۾ بائيو اسٽڊي رولز 2017ع جي رول 13 ۾ ترميم جي م??ظوري، اميگريشن آرڊيننس جي سيڪشن 15 ۾ ترميم جي م??ظوري، گئس چوري جي روڪٿام ۽ وصولي ايڪٽ 2016ع ۾ ترميمن جي م??ظوري، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جي سيڪريٽري جي جڳهه تي سروس رولز ۾ ترميمن جي م??ظوري، سو??ر اوزارن، اليڪٽرڪ موٽرز، پاور ٽرانسفارمر کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ شموليت شامل آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي اي سي سي جي 8 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي جي ضرو??ي شين جي خريداري جي 54 ڪروڙ رپين جي م??ظوري، پاسڪو جي ايجنسين جي وچ ۾ مقامي ۽ درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ذخيري جي ورڇ جي م??ظوري، افغانستان ۾ ٽن پاڪستاني اسپتالن ۾ اوزارن جي خريداري، پگهارن ۽ فعاليت جي لاءِ رقم جي م??تقلي جي م??ظوري، ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي م??ظو??ي شامل آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت جي تعين ۽ يوريا جي ورڇ جي حوالي سان صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، ميري ٽائيم افيئرز واري وفاقي وزير فيصل سبزواري، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ واپار واري سيد نويد قمر کي ٽاسڪ ڏنو ويو.