اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو چيو آهي ته مو??مي??تي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي پر پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب اهي ئي مو??مي??تي تبديليون آهن، جن ترقي يافته ملڪن جو ماحولياتي تبديلين ۾ وڏو حصو آهي انهن کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ايس ڊي ??يز ??دف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي سڀاڻي بدران اڄ عملدرآمد جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، عوام کي تعليم جي سهولتن، غربت ۽ عدم برابري جي خاتمي ۽ بهتر مستقبل جي لاءِ ايس ڊي ??يز تي عملدرآمد انتهائي اهم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ پائيدار ترقياتي ??دف (ايس ڊي ??يز) جي لاءِ ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر رومينه خورشيد عالم پڻ خطاب ڪيو. بين الپارلياماني يونين جي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود آءِ پي يو سيمينار منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايس ڊي ??يز سموري انسانيت جي لاءِ اهم آهي هن وقت پاڪستان کي ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي قدرتي آفت درپيش آهي اسان ان تي پاڪستان سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ايتري وڏي پئماني تي قدرتي آفت ناهي ڏٺي جنهن ۾ ڪروڙين انسان متاثر ٿيا آهن، هزارين فوتگيون ٿيون، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، فصلن کي نق??ان پهتو، معيشت تباهه ٿي. هن چيو ته اهو سڀ مو??مي??تي تبديلين جو نتيجو آهي، سڄي دنيا ۾ عوام مو??مي??تي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ملڪن جو مو??مي??تي تبديلين ۾ تمام وڏو هٿ آهي، اهي اڳتي وڌي پاڪستان جي مدد ڪن، ان کانسواءِ مو??مي??تي تبديلين جي حوالي سان به انهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ايس ڊي ??يز جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان پاران انهن هدفن جي روزاني جي بنياد تي نگراني جي لاءِ پارلياماني ٽاسڪ فورس جو قيام احسن قدم آهي. هن چيو ته اسان جو ماحول اسان جي پنهنجي مستقبل جي لاءِ آهي اسان کي ان جو تحفظ ڪرڻو آهي، ان جي اثرن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ان جو ختمو نه ڪيو ويو ته اهي پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم، صحت ۽ معيشت جي بهتري لاءِ هزاريه ترقياتي ??دف اهم آهن، غربت، عدم برابري، بهتر دنيا ۽ خوشي جي لاءِ ايس ڊي ??يز اهم آهن. هن چيو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون اهي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اسان طرف ڏسي رهيا آهن، مو??مي??تي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پنهنجي تجربن م??ن هڪ ٻئي کي فائدو کڻڻو آهي. هن چيو ته هتان جڏهن اسان پنهنجي ملڪن ۾ وڃون ته ايس ڊي ??يز جي هدفن تي عملدرآمد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪريون، هو اسان جي حڪومتن جي بجيٽ جي منظوري ۽ ترجيحن ۾ اولين حيثيت رکندڙ هجڻ گهرجي.