ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي ??فص??لي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي ازبڪ صدر جا ٿورا مڃيا. هن موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان ۽ فصل، چوپائي مال، گهرن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي پهچندڙ نقصان بابت کيس آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي خصوصي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ تي ??فص??لي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم شهباز شريف ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري لنگهه جي معاهدي ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي مڪمل طور تي فعال ڪري سياسي لاڳاپن، تيز رفتار واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ويجهي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته آزاداڻي ويزا نظام سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيرا??ظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ افغانستان، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي فني ٽيمن پاران افغانستان جي اندر منصوبي تي ڪم جي ڪامياب پڄاڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن ذريعي وچ ايشيائي ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن سان موثر طريقي سان واپاري طور تي ڳنڍجي ويندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ خصوصي تجويزون ۽ منصوبا تيار ڪرڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم صدر شوڪت مرزيوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جڏهن ته ازبڪ صدر پڻ وزيرا??ظم کي جلد کان جلد ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.