اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ??اڪ??ر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري ??ي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪ??ري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن سان وچولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپ??ري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ ج??ي مسلمانن کي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيه پاران پاڪستان جي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ترڪيه جي بنيادي ايشو تي ان جي حمايت لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ترڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان وڌيڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.