اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته ڇاتيءَ جي ڪي??سر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ماڻهن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آه?? ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪي??سر جو علاج ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”آئون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي موضوع تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪي??سر جي مريضن جي مدد لاءِ جوبلي انشورنس جي تعاون سان ڪي??سر پروڊڪشن پروگرام شروع ڪرڻ تي صحت ڪهاڻي کي ساراهيان ٿو، جنهن جي مدد سان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪي??سر جي علاج تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان حوالي سان ماڻهن کي انشورنس فراهم ڪئي ويندي، ان پروگرام سان گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت به فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ته بريسٽ ڪي??سر جو علاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئ?? ته اهڙن پروگرامن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسيع ڏني ويندي.