اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي چيني ??در جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ??در چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چيني ??در جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخلصاڻيون دعائون اڳوڻي ??در جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چي??ي عوام سان گڏ آهن. ??در عارف علوي چيو ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳوڻي ??در ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطحن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو، جيانگ زيمن پاڪستان جو هڪ عظيم ۽ ب??اع??ماد دوست هو. هن چيو ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي ??در پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪر?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪر?? جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا، سي پيڪ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪر?? سيڙپڪاري کي تيز ڪر?? ۾ مدد ڏيندي. ??در ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چين جي فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. بعد ۾ پاڪستان ۽ چين جي سرڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ??در چين جي اڳوڻي ??در جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.