اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪي ٿري جي شموليت س??ن جوهري بجلي گهر مان بجلي ??ي پيداوار 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي، مقامي ذريعن سان بجلي ??ي پيداوار سان ٻارڻ جي درآمد، ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ عام ماڻه?? کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن پاڪستان جي ستين جوهري گهر ۽ ڪراچي ۾ ٺاهيل ٽئين جوهري گهر جو افتتاح ڪيو. ڪي ٿري جي شموليت س??ن جوهري بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪل صلاحيت 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. ڪي ٿري من??وبي سان مجموعي طور تي 1100 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ جي مقامي ذريعن جهڙوڪ پن بجلي، ڪوئلي ۽ شمسي توانائي جي ترقي تي ڌيان ڏيندي توانائي جي ذريعن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ بجلي ??ان ٻارڻ جي درآمد کي گهٽ ڪرڻ، ٽيرف کي گهٽ ڪرڻ ۽ اهڙي طرح عام ماڻه?? کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.