اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي ??ي) وزيرا??ظم محمد شه??از شريف ترڪيه جي ص??ر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري ??لزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيرا??ظم ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزيرا??ظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي ص??ر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيرا??ظم شه??از شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وزيرا??ظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.