اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع پا??ستان جي سياسي تاريخ جو نه وسارڻ جهڙو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي پارلياماني، وفاقي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين سان نوازيو ويو، هن چيو ته پا??ستان جي ترقي ۽ خوشحالي جمهوري، وفاقي، اسلامي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين جي حقيقي روح جي لاڳو سان جڙيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي پختگي ۽ دانشمندي کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن جي سياسي دانش ان قوم کي 1973ع جي متفقه آئين سان نوازيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي آئيني يادگار جو پيڙهه جو پٿر، شهيدن جي يادگار تي حاضري ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اتفاق راءِ تي ٻڌل 1973ع جي آئين جي منظوري پا??ستان جي سياسي تاريخ جو همشه لاءِ ياد رکڻ جهڙو لمحو آهي. هن چيو ته آئين ۾ بيان ڪيل اصول اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني پا??ستان جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ هي اهي ئي اصول هئا جن جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي پا??ستان جي پهرين آئين ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڪيو هو. پا??ستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته هي سندس سياسي پختگي ۽ دانشمندي هئي جنهن قوم کي اهو مقدس دستاويز عطا ڪيو. هن چيو ته آئين قومي اتحاد ۽ سياسي اتفاق راءِ جو منفرد نمونو آهي جنهن تي عمل ڪري ئي ملڪ کي سياسي ، معاشي ۽ سماجي چئلينجز مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن آئين جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته 10 اپريل کي 14 آگسٽ وانگر قومي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ستان جي آئيني يادگا?? جي تعمير هڪ انتهائي اهم ۽ مثبت قدم آهي. هن آئين جي يادگا?? جي تعمير لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهراهه دستور تي ڊي چوڪ تي تعمير ٿيندڙ يادگار سان گڏ ”باغ دستور“ پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان باغ جي تعمير سان نه رڳو شهرين کي هڪ خوبصورت تفريحي مقام ميسر ايندو پر اسلام آباد جي رهواسين لاءِ يادگار دستو?? جي سير جو جواز به فراهم ٿيندو. هن چيو ته آئين جي يادگا?? جي تعمير سان نوجوان نسل ۾ شعور اجاگر ٿيندو. هن چيو ته هي يادگار شاندار تاريخ ۽ انهن سياسي اڪابرن جي عڪاسي ڪندي جن جي محنت ۽ سياسي بصيرت پا??ستان کي آئين سان نوازيو هن چيو ته هي و??حد دستاويز آهي جيڪا وفاقيت، بامعنيٰ جمهوريت، اسلامي تشخص، انفرادي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ گمنام هيروز جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ يادگاري ٽپال ٽڪيٽ، آئين ساز جي هر لمحي جي عڪاسي ڪندڙ تصويري نمائش، آئين جي اصل رسم الخط جي نمائش ۽ گولڊن جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڪتابن جي نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.