اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ??باني کر ثمرقند ۾ تا??ڪستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير حنا ??باني کر افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي تا??ڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محردين سان ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ تا??ڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو.