اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران ??ڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ??والي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران ??ٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چ??و ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران ??ڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لا??ِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ?? وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چ??و آه?? ته هو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان معاملي جو جائزو وٺي.