اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بل??چستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بل??چ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل??چستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وزيراعظم کي بل??چستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وزيراعظم جي ملڪي بقاءَ ۽ بل??چستان جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بل??چستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بل??چ نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن ??ي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم شهباز شريف بل??چستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشح??لي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو، ٻوڏ دوران وزيراعظم بل??چستان جي علائقن جو پاڻ دورو ڪري متاثر بل??چن جو درد ونڊيو جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ شديد معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو.