اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بيلاروس جي پرڏيهي وز??ر سرگئي ايلينڪ سان پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات دوران مختلف معاملن تي تف??يلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ کانسواءِ سائنسي ۽ ثقافتي تعاون سميت عوامي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ??يو.