اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي شهيدن جي ??طن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 18 مئي تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙ سپ??هي شفيق الرحمان جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر ع??رف علوي 24 مئي تي دته خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپ??هي جواد خان ۽ سعيدالله جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي ??طن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان لڳاءُ کي پ?? ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پ?? دعا ڪئي.