اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلم سازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستاني شاگردن کي فل??، آرٽ اينڊ ڪلچر ۾ فني تربيت جي فراهمي لاءِ جرمن ادارن جي تعاون جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ج??من?? جي سفير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فل??، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير جرمن سفير کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ج??من?? ۽ پاڪستان جي نجي سرڪاري درسگاهن ۾ تعاون سان فل??، آرٽ اينڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. وفاقي وزير جرمن اين جي اوز جي آئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد تي ج??من?? جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد جي فراهمي جو واعدو ج??من?? جي پاڪستان دوستي هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اق??ال ۽ گوئيٽه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اق??ال گوئيٽه آرٽ اينڊ ڪلچر سينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پاڪستان جي حالتن جي غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. ج??من?? جي صحافتي تنظيمن جي وفد جو پاڪستان جو ايندڙ مهيني دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير اطلاعات واري وزير جي فلم اينڊ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.