اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ حڪومت کي سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏ??اريو ??هي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏ??ڻ جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??هي. هن چيو ته وڏي وزير جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت جيڪي انتظام ڪيا آهن انهن کي ساراهيان ٿو، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏ??اريو ??هي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان عوام جي تعاون سان ان صورتحال تي ضابطو آڻي وٺنداسين.