اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن و??ري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بجيٽ ۾ واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي تجويزن ۽ بي قاعدگين بابت 2 ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، نئين مالي جي وفاقي بجيٽ تي بحث جا سمورا نُڪتا نوٽ ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي و??ري وزير ٻُڌايو ته هيءَ هڪ روايت رهي آهي ته بجيٽ پيش ٿيڻ بعد واپارين ۽ بزنس ڪميونٽي جي مسئلن جي حل لاءِ بزنس ڪميٽي ۽ بجيٽ ۾ ڪنهن بي قاعدگي يا بي ضابطگي جي نشاندهيءَ لاءِ بي ترتيبي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ايف بي آر سان مشاورت کانپوءِ ٻئي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. بزنس ڪميٽي جي قيادت فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس جو صدر ڪندو، جنهن ۾ ايف بي آر جا ميمبر ڪسٽمز پاليسي ۽ ميمبر لينڊ روينيو وائيس چيئرمين ??ون??و. ان ڪميٽيءَ ۾ ايوان صنعت جا نمائندا شامل ??ون??ا. بي ضابطگي بابت جوڙيل ڪميٽيءَ جي صدارت اشفاق توله ڪندو، جڏهن ته ان ڪميٽي ۾ به ايف بي آر جا ميمبر ڪسٽمز ۽ ميمبر لينڊ روينيو وائيس چيئرمين جا فرض سرانجام ڏندو. ناڻي و??ير چيو ته بجيٽ بابت ميمبرن جي تجويزن ۽ سفارشن کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ناڻي و??ري مملڪتي و??ير عائشه غوث پاشا اسٽينڊنگ ڪميٽيز ۾ وڃي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي و??ارت جي ٽيم موجود آهي جيڪا تجويزون نوٽ ڪري رهي آهي.