اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي باڪو آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم ڪجهه دير کانپوءِ آذربائيجان ??ي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان م??اق??ت ٿيندي. م??اق??ت کانپوءِ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي ??ي شعبي ۾ تعا??ن ??ي لاءِ وزيراعظم سان اڄ آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي م??اق??ت پڻ ٿيندي.