اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس م??جب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ??سلسل واقعن جي ??س م??ظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي ??ذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي 6 جولاءِ 2023ع تي پاڪستان جي ??ارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۽ 7 جولاءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قرآن جي ??اءِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ??ري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي جنرل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جولاءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ??يندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي اجلاس م??عقد ڪرڻ جي ??اءِ او آءِ سي جي ??يصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري کي ان سلسلي ۾ ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي ??رڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي ??اءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪر??ار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي ??ابل مذمت لهر کي روڪڻ جي ??اءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ جي ??اءِ تيار آهي.