اسلام ??با?? – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته يونان ٻيڙيءَ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچي ويا آهن جيڪي گجرات، گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپو??ه، وهاڙي ۽ ميرپور ??زا?? ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته يوناني عملدارن اهو به ٻڌايو ته انهن م??ند?? مڙهن جي ڊي اين اي ميچنگ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڪنهن ٻئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.