اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آ??ي، تڪرارن جي پرامن حل تي يقين ??کون ٿا، ڳالهه ٻولهه سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، ريڪوڊڪ منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آ??ي، پاڪستان ۾ 6 ٽريلين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن، 75 سالن ۾ اسان پنهنجي قيمتي دولت تي ڌيان نه ڏنو، ڪرپشن به ان شعبي جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل ر??ي، ماضي ۾ نيب ڪاروباري شخصيتن کي هراسان ڪيو پر ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو ويو، ايس آئي ايف سي پاڪستان جي ترقي جو بهترين ماڊل آ??ي، پنهنجا وسيلا عوامي ڀلائي تي خرچ ڪر??ا پوندا، اسان کي ترقي جي راهه ۾ ٻين کان اڳتي وڌڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرل سمٽ (ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ) جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ اڄ هڪ اهم ڏينهن آ??ي، هتي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سيڙپڪار ۽ ٻيا ماڻهو موجود آهن، ريڪوڊڪ منصوبو ملڪي تاريخ ۾ خاص اهميت رکندڙ آهي. گذريل 75 سالن ۾ اسان پنهنجي قيمتي دولت تي ڌيان نه ڏنو، ڇا اسان ڪنهن ڪارٽل يا سياسي سببن جي بنياد تي ٻڏتر جو شڪار رهون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 6 ٽريلين ڊالر جا ذخيرا موجود آهن ۽ هيستائين ڏسون ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون. پاڪستان اسٽيل ملز 70ع جي ڏهاڪي ۾ روس جي حصيداري سان تعمير ڪئي وئي ۽ ان جو سڄو خام مال درآمد ڪيو ويندو رهيو. ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي پر انهن کي وساري ڇڏيو، ان کي اڄ جي دور جي ٽيڪنالاجي جي ذريعي ان اسٽيل ملز جي خام مال جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي پيو. هن چيو ته ريڪوڊڪ ۾ پاڪستان تي 10 ارب ڊالر جو ڏنڊ هنيو ويو جيڪڏهن اهو ڏنڊ اسان ادا ڪنداسين ??ه اسان جو سڄو پرڏيهي ناڻو ان تي خرچ ٿي ويندو. ٿر ۾ دنيا ۾ ڪوئلي جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن، اڄ ٿر جي ڪوئلي سان شروع ٿيندڙ منصوبن مان اسان فائدو کڻي رهيا آهيون، مختلف ڪارٽل، سياسي ۽ ٻين ??ببن جي ڪري ا??ان ماضي ۾ انهن وسيلن مان فائدو نه کڻي سگهياسين. هن چيو ته چنيوٽ ۾ لوهه جا وسيع ذخيرا موجود آهن، بدقسمتي سان بدعنواني ۽ بدعنواني جي ڪاررواين ??ي ڪري ا??ان پنهنجي وسيلن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، معدنيات جو ٺيڪو واڪ کانسواءِ اُن کي ڏنو ويو، جنهن کي ان شعبي جو تجربو به نه هو، ماضي جي غلطين مان سکي ا??ان کي اڳتي وڌڻو آ??ي، پاڪستان جي غريب عوام جي وسيلن کي ڦرڻ جي ا??ازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو معاملو سپريم ڪورٽ تائين ??ه ويو. ان وقت نيب ملڪ جي دولت ڦريندڙن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڻ کانسواءِ اسان ڪنهن تي الزام نه ٿا هڻي سگهون. اسان وسيلا، وقت ۽ توانائي ضايع ڪئي. ڪرپشن به ان شعبي جي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل رهي. نيب ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي ر??ي، ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هاڻي عمل جو وقت آ??ي، جيڪڏهن اسان اڄ فيصلو ڪري وٺون ته پريزنٽيشن ۾ جيڪو ڪجهه اسان کي ٻڌايو ويو ان تي عمل ڪنداسين ??ه محنت ۽ سخت ڪوششن سان پنهنجا هدف حاصل ڪري سگهنداسين. هن چيو ته سعودي عرب جي نائب وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائيچاري ۽ دوستي جو ذڪر ڪيو آ??ي، سندس جذبن جي قدر ڪريون ٿا، ٻنهي ملڪن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر فورم تي هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ ان جو تازو مثال آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ سعودي عملدارن جي مدد آهي. سعودي عرب پاڪستان جي بقاءَ لاءِ 2 ارب ڊالر فراهم ڪيا. مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ان شاندار امداد تي مون پاران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ شڪراني جا جذبا پهچائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ڳالهيون ڪيتريون ئي ٿي ويون هاڻي عمل سان پنهنجي ترقي جا هدف حاصل ڪر??ا آهن، محنت ۽ لڳاءُ سان پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته هاڻي ا??ان کي اهو ڪم ڪر??و آهي جنهن سان اسان ڪِستو ٽوڙيون، آئون خوابن جي دنيا ۾ رهڻ بدران حقيقت تي يقين ??کان ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ نيب ڪاروباري شخصيتن کي هراسان ڪيو ۽ انهن جو ڏوهه ا??و هو ته انهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جيڪي ملڪ جي قانون تي عمل ڪر?? چاهين ٿا، انهن سان گڏ انهن جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو، مسئلن جو غيرروايتي حل ڏيندڙ ماڻهو به نيب جو شڪار بڻيا، پاڪستان اسان جي ا??ن ڏاڏن وڏين قربانين ??ان حاصل ڪيو هو، ان جو مقصد ا??و هو ته اسان عزت سان زندگي گذاريون. انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين ??عبن ۾ اڳتي وڌنداسين ۽ پنهنجي نوجوانن کي بااختيار بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جو مدو هلندڙ مهيني جي وچ ڌاري ختم ٿي رهيو آ??ي، چين ??ان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، آمريڪا سان اسان جي گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل لاڳاپا رهيا آهن اهڙي طرح ٻين ملڪن سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن، اسان پنهنجي پاڙيسرين ??ميت ڪنهن جي به خلاف نه آهيون، انهن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ به تيار آهيون، شرط اها آهي ته اهي به سنجيده هجن. جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آ??ي، تڪرارن جي پرامن حل تي يقين ??کون ٿا، ڳالهه ٻولهه سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، پاڪستان ائٽمي قوت آ??ي، غربت، بيروزگاري، صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪر?? جي ضرورت آ??ي، اسان جي پاڙيسرين کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته ڳالهه ٻولهه سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسان کي پنهنجا وسيلا عوامي ترقي تي خرچ ڪر??ا آهن، پاڪستان کي الله تعاليٰ تمام وڏي نعمت عطا ڪئي آ??ي، 75 سال پاڪستان جي غريب عوام سان زيادتي ڪئي وئي، هلندڙ مهيني ا??ان جي حڪومت جو مدو ختم ٿي ويندو ۽ نگران حڪومت ذميواريون سنڀاليندي، چونڊن کانپوءِ نئين ??ڪومت قائم ٿيندي. هن چيو ته اڄ معاشرو ورڇ جو شڪار آهي ۽ معاشري ۾ زهر ڦهلايو ويو آ??ي، جيستائين يڪجهتي، اتفاق ۽ اتحاد جو مظاهرو نه ڪنداسين، اسان پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهون، اتحاد، اتفاق ۽ مسلسل محنت سان ئي ا??ان پنهنجا هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. ايس آئي ايف سي ۾ وفاقي صوبائي حڪومتون ۽ ادارا شامل آهن ته جيئن انهن عظيم منصوبن کي عملي جامعو پارائي سگهجي. سعودي عرب، قطر ۽ ٻين نار ملڪن جهڙي طرح ترقي ڪئي آ??ي، اسان اهڙي ترقي ڇو نه ڪري سگهياسين، اسان کي ترقي جي راهه ۾ ٻين کان اڳتي وڌڻو آهي.