اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز سريف چيو آهي ته اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ۽ سي پيڪ ??نص??با گڏجي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا، چيني ڪمپينن جي پاڪستان ۾ ڪرڻ سان روزگار جا نوان ??وقعا پيدا ٿيندا، چيني ڪمپنين سي پيڪ ۾ 30 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن کي ايوارڊز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ??نص??بن پاڪستان ج?? صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سان ??ه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. اسان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايتو تحت سي پيڪ ??نص??بن جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهايون آهن. اهو ??نص??بو چيني صدر شي جن پنگ جي ذهانت ۽ ويزن جو عڪاس آهي. انهن ??نص??بن جي ڪري چيني ڪمپنين 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڪئي آهي. صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين پاڪستان ۾ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هاڻي سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ گرين ڪوريڊور، انوويشن، آءِ ٽي ڪوريڊور، خصوصي اقتصادي زونز جهڙا وڏا ??نص??با شامل آهن. اهي سي پيڪ تحت چيني ۽ پاڪستاني حڪومت جا ڪاروباري ??نص??با آهن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) حڪومت جو اهم قدم آهي. اهو گهڻ رخو فورم آهي جنهن ۾ وفاق، صوبائي اڪائين ۽ پاڪ فوج جي نمائندگي شامل آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ان ??عاملي ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. هو پاڪستان جي ڪاز کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙا نوجوان جن وٽ تعليم ۽ ٽيلنٽ ته آهي پر انهن وٽ نوڪريون نه آهن انهن کي ان سان روزگار جا موقعا ملندا ۽ اهي قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا. ان سان ??لڪ ج?? صنع??ن ۽ زراعت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ايس آئي ايف سي ملڪ جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبي جي فروغ جي لاءِ اهم روڊ ميپ آهي. چيني ناظم الامور نه رڳو سي پيڪ ??نص??بن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن پاڪستان ??شڪ?? وقت مان گذري رهيو هو ۽ اسان کي آءِ ايم ايف سان ??روگرام ۾ ??شڪ?? چئلينج درپيش هو. صدر شي جن پنگ، چيني حڪومت ۽ چيني ناظم الامور اسان جي ذاتي طور تي مدد ڪئي. هن چيو ته چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. چيني ڪمپينن کي يقين ڏياريان ??و ته ??شڪ?? وقت ختم ٿي ويو آهي. اسان ??نهي ملڪن جي وچ ۾ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهيون. اسان ??نهنجي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. ون ونڊو آپريشن جي ذريعي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن ٻنهي ملڪن جو گڏيل خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو. سي پيڪ انفراسٽرڪچر جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي ناظم الامور پينگ چنڪسو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهائي رهيا آهن. سي پيڪ ??نص??بن جي رفتار تيز ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي منفرد رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي اعتماد تي قائم آهن. صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد وارو خط موڪليو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ شروع ڪيل سي پيڪ ??نص??بي کي ٻنهي ملڪن پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو. سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ گڏيل حصيداري کي فروغ ڏنو پيو وڃي. ان ??وقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن جي نمائندن ۾ ايوارڊ ورهايا. ان ??وقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، چيني ناظم الامور کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.