اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خ??اهشن موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪرار جي حل تائين حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوارالحق ڪ??ڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران وزيراعظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڪشميرين جي خ??دمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جي??تائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگن ??وجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.