اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته وزارت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي ??وام جي ??دمت ڪريان، نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي ??ول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگران وفاقي وزير ٿيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آه?? ۽ ??ندس اها ڪوشش هوندي ته هو ان من??ب سان انصاف ڪندي ملڪ جي ??وام جي ??دمت ڪري. هن چيو ته کيس وفاقي وزير ٿيڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصير ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.