اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد ع??ام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ??خت??ف وفاقي وزيرن سميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ ع??ام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته ??خت??ف سرڪاري ملازمن کي مفت يونٽس جي معاملي تي به تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪئ?? ويندي.