اسلام آباد – 14 آ??ٽو??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان وڏين ڪاروباري شخصيتن ۽ اقتصادي ??اهرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ موجوده اقتصادي صورتحال ۽ معيشت جي ترقي جي حوالي سان معام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، حسين دائود، علي ايس حبيب، بشير محمد، عارف حبيب، ميان عبدالله، طارق سهگل، خرم مختيار، فواد احمد مختار، طارق سلمان شاهه، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان ۽ ٻيا شامل هئا. اج??اس دوران موجوده چئلينجن ۽ ملڪ کي ان صورتحال مان ڪڍڻ ۽ تحريڪ انصاف جي سڌارن تي عملدرآمد ۽ ترقي جي ايجنڊا سميت ٻين معام??ن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.