نيويارڪ – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ف??بروري کان 2 ائٽمي طاقتون هڪ ٻئي جي سامهون آهن، دنيا مسلسل 55 ڏينهن کان ??رفيو، 80 لک ڪشميري شهرين کي گهيري ۾ رکڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين خلاف ??واز ڇو نه ٿي اٿاري، دنيا کي فيصل?? ڪرڻو پوندو ته هو سوا ارب ماڻهن جي مارڪيٽ کي ڏسندي يا ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم خلاف ??ٿي بيهندي، جيڪڏهن ٻن ائٽمي ملڪن ۾ جنگ لڳي ته پوءِ ان جا اثر سڄي دنيا تي پوندا، اسان لااله الا الله تي يقين رکون ٿا ۽ آخري ساهه تائين وڙهنداسين، دنيا سوچي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ يهودين ۽ عيسائين کي گهيري ۾ رکيو وڃي ته اولهندي ملڪن جي ڪهڙي حالت ٿيندي، صرف مسلمانن سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي، اسرندڙ ملڪن جا ڪرپٽ حڪمران پئسا ڦري امير ملڪن ۾ اچي رکن ٿا ۽ واپسي جي لاءِ انهن کي وڏا وڪيل ڪرڻا ٿا پون ۽ قانون جون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، ترقي يافته ملڪ ان جي لاءِ ڪي قدم کڻن. گڏيل قومن جي 74 هين جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ??يو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.