اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪورونا وبا جي ڏس ۾ صحت جي اصولن تي عمل ڪندي سماجي فاصلي سميت ٻين احتيا??ي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو و??ي. اها هدايت هن پارليامينٽ هائوس جي دوري دوران ڏني. صدر قومي اسيمبلي جي هال جو دورو ڪيو ۽ قومي اسيمبلي جي سومر کان شروع ٿيندڙ اجلاس ج?? ا??تظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اجلاس بابت بريفنگ جي صدارت ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ قومي اسيمبلي جي اعليٰ عملدارن صدر کي بريفنگ ڏني.