اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ نه آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪس وانگر صحافي به ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي پريس ڪلبن جي م??لي م??د جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايتن تي پريس ڪلبن جي م??لي م??د ڪئي پئي وڃي. هو ملڪ جي م??تلف پريس ڪلبن جي عهديدارن ۾ مالي م??د جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سميت سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن جا عهديدار ان تقريب ۾ شريڪ هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي ته آئون سڄي ملڪ جي م??تلف پريس ڪلبن جي عهديدارن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. اطلاعات واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ سندس ٽيم جيڪا ڪوشش ڪئي آهي اها ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي پراڻي ??وا??ش ۽ واضح هدايتون هيون ته ڪلبز ۽ صحافي برادري جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ان سان گڏوگڏ اهي صحافي جيڪي بيمار يا ڪنهن مشڪل ۾ آهن انهن جي به مدد ڪئي وڃي، پنهنجي م??دود وسيلن جي باوجود پريس ڪلبن ۽ صحافين جي م??د ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.