اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه ??ڳو پاڪستان پر پوري خ??ي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خط??ب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفي?? يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خط??ب ڪيو.