اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ??ي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آه?? ۽ ??ن حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اظهار ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??و وزير سيد امين الحق، اطلاعات وا??و وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وا??و وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊ??ڪٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽري??، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا.