اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ۽ اقليت گروهن جي خلاف دهشتگردي جو راڄ مڙهيو آهي، آسٽريا ۽ سوئيڊن ??اءِ نامزد سفير ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي اجاگر ڪن. پاڪستان هري پور ۾ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سا??نس?? اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام ۾ آسٽريا جي تعاون جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان سوئيڊن سان پنهن??ي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سوئيڊن سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا ۾ نامزد پاڪستاني سفير آفتاب احمد کوکر ۽ سوئيڊن ۾ نامزد پاڪستاني سفير ظهور احمد سان ڌار ڌار م??اق??تن دوران ڪيو.