اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار ??جل??س ٿيو. ??جل??س ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر غريب ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، نيشنل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، ??يز??ن بئنڪ، ح??يب بئنڪ، بئنڪ الح??يب ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سربراهن وزيراعظم کي نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت قرضن جي فراهمي جي باري ۾ ??گا??ه ڪيو، ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته قرضن کي حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان ترين بڻايو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ برانچن ۾ ڌار ڊيسڪ ٺاهيا ويا آهن، پرائيويٽ بئنڪس، اسلامي ۽ روايتي بئنڪاري ٻنهي تحت قرض فراهم ڪنداسين، بئڪن جي سربراهن حڪومت کي تعميرات جي سيڪٽر جي فروغ ۽ غريب طبقي کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي سهولت مهيا ڪرڻ تي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هنن وزيراعظم ۽ حڪومتي معاشي ٽيم کي ڪورونا وبا جي پيش نظر ڪاورباري طبقي سميت بئنڪن جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو، ??جل??س کي ??گا??ه ڪيو ويو ته قرضن جي فراهمي جي عمل کي گهٽ مدي وارو ٺاهڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن قرض وٺندڙ ماڻهو جي ڪاغذن جي تصديق جلد ٿي سگهي.