اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خ??ن چيو آهي ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين ج?? مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ پروگرام جوڙيو پيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين تي لاڳو هر ٽيڪس جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن ج??ستائين ممڪن ٿي سگهي ٽيڪسن ج?? بار ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏن?? وڃي. هن اهڙن خيالن ج?? اظ??ار ضرورت جي شين ج?? قيمتن ج?? حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، اسد عمر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، پنجاب جي خوراڪ واري وز??ر عبدالعليم خان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ج?? سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي ناڻي واري وز??ر مخدوم هاشم جوان بخت ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. صنعت واري وفاقي وز??ر محمد حماد اظهر ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن ج?? حوالي سان وز??راعظم کي آگاهه ڪيو. وز??راعظم جي هدايتن موجب کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ گئس جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽرين صوبن ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي رمضان مهيني ۾ عوام کي رمضان بازارن ۽ ٻين انتظامن ذريعي سستي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏن??. وز??راعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين ج?? مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وز??راعظم چيو ته بنيادي ضرورت جي شين ج?? ڏس ۾ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي حوالي سان پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن سان نه رڳو حڪومت پاران فراهم ڪيل سبسڊي سڌوسنئون مستحق ماڻهن کي ملندي پر سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻائي سگهبو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.