اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فيصل واوڊا سميت 48 نئين سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آه??. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ??ان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد، پنجاب ??ان مسلم ليگ (ق) جو ڪامل علي آغا، پي ٽي آءِ جو سيف الله سرور خان نيازي، عون عباس، اعجاز احمد چوڌري، سيد علي ظفر، زرقا سهروردي تيمور، مسلم ليگ (ن) جو افتان الله خان، ساجد مير، عرفان الحق صديقي، اعظم نذير تارڙ ۽ سعديه عباسي شامل آه??. سنڌ ??ان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سليم مانڊوي والا، شهربانو شيري رحمان، تاج حيدر، شهادت اعوان، ڄام مهتاب حسين ڏاهر، فاروق حامد نائيڪ، پلوشه محمد زئي خان، ??ي ٽي آءِ جو محمد فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سيد فيصل علي سبزواري ۽ خالده اطيب، خيبرپختونخواهه ??ان پي ٽي آءِ جو محسن عزيز، سيد شبلي فراز، لياقت خان ترڪئي، فيصل سليم رحمان، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، ??حمد همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ ??نگهه، عوامي نيشنل پارٽي جو هدايت الله خان ۽ جي يو آءِ (ف) جو عطاءُ الرح??ان شامل آه??. بلوچستان ??ان بلوچستان عوامي پارٽي جو پرنس احمد عمر احمدزئي، منظور احمد، سرفراز احمد بگٽي، سعيد احمد هاشمي، ثمينه ممتاز، دنيش ڪمار، بلوچستان نيشنل پارٽي جو محمد قاسم، اي اين پي جو عمر فاروق، جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ آزاد اميدوار محمد عبدالقادر ۽ نسيمه احسان شامل آه??.