اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان پارليامينٽرين جو ڪردار ??هم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ملڪي آبادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنه??جو?? توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ پارليامينٽري فورم (وائي پيف ايف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پائيدار ??ماجي ترقي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقري?? جي موقع?? تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پارليامينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن شرڪت کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.