اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گذريل حڪومتن پاران ورتل قرضن جي مد ۾ اسان ساليانو 2 هزار ارب ر??پي?? واپس ڪري رهيا آهيون، ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪي آ??دن?? گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ آهن، مخالف ڌر سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نٿي چاهي، 2023ع ۾ 1500 ارب ر??پي?? بجلي گهرن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا، بجلي جا پلانٽ لڳائيندي ماحولياتي تبديلي جي منفي ??ثرن کي نظرانداز ڪيو ويو، سنڌ ۾ 13 سال اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي صوبي کي برباد ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جي دوران خيالن جو اظه??ر ڪندي ڪيو.