اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ??ي اٺين صوبي تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان ??ي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئ?? يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ??ي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان ??ا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طر?? قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ا?? جو مثال آهي.