اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ نا??را هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو ۽ غير ملڪي جي شناختي ڪارڊن ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نا??را جي نئ??ن موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. ذريعن موجب نا??را چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ جي ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏيندو، وزيراعظم نا??را هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران 66 نئ??ن نا??را آفيسن ۽ 90 نئ??ن موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪندو، وزيراعظم جي هدايتن تي نا??را آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وڌايو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ پرڏيهين جي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪندو. ان کانسواءِ ڪارڊ جي بدلي پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي ملاز??ت حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙين سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.وزيراعظم عمران خان ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نا??را جي نئ??ن موبائيل ايپ ڪووڊ – 19 پاس جو به افتتاح ڪندو، ان موبائيل ايپ جي ذريعي ملڪ اندر ۽ ٻاهر??ن ملڪ سفر ڪندڙ پاڪستاني يا حڪومتي ادارا ڪنهن به جاءِ ڪوڊڊ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي فوري تصديق ڪري سگهندا. نا??را پنهنجي سسٽم کي جديد رخن تي هموار ڪري اه?? ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي ته هڪ عام ماڻهو به پنهنجي فون مان ڪنهن به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي اصلي يا جعلي هجڻ جو پتو لڳائي سگهي ٿو، نا??را جي سسٽم مان جاري هر ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ تي هڪ ڪيو آر ڪوڊ هوندو آهي جنهن کي موبائيل جي ڪئميرا سان اسڪن ڪيو وڃي ته ان تي سرٽيفڪيٽ جي اصل مالڪ جو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ ٻيا دستياويز سامهون اچي ويندا تنهن ڪري اه?? ممڪن ئي ناهي ته ڪو ڪنهن ٻي جي سرٽيفڪيٽ تي جعلسازي سان پنهنجو نالو لکي، وزيراعظم ان موقعي تي جعلي شناختي ڪارڊن جي خاتمي لاءِ آرٽيفيشل انٽيلي جنس تي ٻڌل نا??را جي متعارف ڪرايل نظام جو به افتتاح ڪندو، تصديق ۽ تجديد جي ان نظام کي نا??را جي نئ??ن چيئرم??ن محمد طارق ملڪ تمام ٿوري وقت ۾ تخليق ڪيو آهي ۽ ان جي مدد سان نا??را ڊيٽابيس سان غير ملڪي ماڻهن کي باآساني ڪڍڻ ممڪن ٿيندو. نئ??ن متعارف ڪيل ان جديد نظام تحت نا??را ڊيٽابيس ۾ موجود خاندانن جا سربراهه گهر ويٺي پنهنجي خاندان جي ماڻهن جي تفصيل ۽ تصديق ايس ايم ايس جي ذريعي پنهنجي موبائيل تي ڪري سگهندو، پنهنجي خاندان ۾ ڪنهن به اجنبي ماڻهو جي موجودگي جي صورت ۾ نا??را کي آگاهه ڪري سگهندو، نا??را ان اجنبي ماڻهو جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي. وزيراعظم عمران خان کي نا??را چيئرم??ن محمد طارق ملڪ ڊجيٽل پاڪستان سان جدت ۽ صلاحيتن تي ٻڌل روڊ ميپ پيش ڪندو.