اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي حيثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي تاريخ جي سفر ۾ ڏکيا چئلينجز عبور ڪيا آهن، اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي جي بدلجندڙ صورتحال اسان ج?? ان عزم جو امتحان آهي، پا??ست??ن اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري بيهي سگهي ٿو، اسان جي پاليسي?? کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، ڪشمير جي عوام پاڻ سان ڪيل واعدن جي تڪميل لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهي آهي، پا??ست??ن خودمخت??ار?? وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو، افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي، پا??ست??ن ڳالهين سان تڪرار جي سياسي حل جي حمايت جاري رکندو، عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اسان جو سمورو ڌيان جيوپاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ٿي ويو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائيندي اسا?? کي ايمان، اتحاد، تنظيم جي قومي قدر?? کي سربلند رکڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جنهن جو تصور قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو هو، اسان هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي حيثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي تاريخ جي سفر ۾ مشڪل چئلينجز عبور ڪيا آهن ايستائين جو اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي جي بدلجندڙ صورتحال اسان ج?? ان عزم جو امتحان آهي، هر وقت وانگر اسان پنهنجي بي لوث عزم جي ڪر?? انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻي وٺنداسين ۽ مضبوط قوم طور اڀرنداسين، هن چيو ته پا??ست??ن اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي کڻي بيهي سگهي ٿو، معيشت جي بحالي، ڪورونا مان سرخرو ٿيڻ ۽ ماحولياتي تحفظ بابت اسان جي پاليسي?? کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي آهي.
وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميرين ڀينرن ۽ ڀائر?? کي نه وسارڻ گهرجي، جيڪ?? انتهائي مشڪل حالتن ۽ ڀارتي غير قانوني قبضي ۾ ناقابل بيان ڏاڍ ۾ پنهنجي خودمخت??ار?? واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پا??ست??ن ڪشميرين جي منصفاڻي ڪاز لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکندو، ڪشميري هاڻي به انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته پا??ست??ن پنهنجي اولهندي سرحدن تي غير مستحڪم صورتحال جي ڪري وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي ??هي اسان سدائين ان ڳالهه تي مسلسل زور ڏنو آهي ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام لاءِ پا??ست??ن افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي حمايت جاري رکندو، پنهنجي معاشي ۽ سماجي ايجنڊا جي پيروي لاءِ اسان ملڪ اندر ۽ ٻاهر امن چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته نئين پا??ست??ن ۾ اسان جو سمورو ڌيان جيو پالٽيڪس کان هاڻي جيو اڪنامڪس تي آهي،جنهن ۾ اسان اولين ترجيح جي طور تي پا??ست??ني عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي تي ڌيان ڏئي ??هيا آهيون، اسان جي حڪومت پا??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته بنا شڪ جي پا??ست??ن الله تعاليٰ جو اسان جي لاءِ تحفو آهي آئون هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ست??ني?? کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ان موقعي تي توها?? کي چوان ٿو ته پا??ست???? کي قابل فخر، خوشحال ۽ پرامن ملڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.