راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ?? ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ افغانستان ج?? موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغانستان ج?? صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين ج?? واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستان ج?? ڪردار جي وا??اڻ ڪئي. هن هر سطح تي پاڪستان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عز?? ظاهر ڪيو.