اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي ڪفايت شعاري مهم تحت سينيٽ جي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سميت سڀني اسيمبلي ميمبرن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس جي سمري رد ڪري ڇڏي آه??، ملڪ ۾ ايندڙ سال فائيو جي ٽيڪنالاجي لانچ ڪئي ويندي، وزيراعظم جو عزم آه?? ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ مواصلات جو نظام لاڳو ڪيو وڃي، وڏين گاڏين تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ختم ٿيڻ سان گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽنگ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ معاملن تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير اسپيڪٽرم جي وڪري جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته موجوده اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ هڪ ٽيلي ڪام ڪمپني حصو ورتو، ان کان پهرين به هڪ ڪمپني نيلامي ۾ حصو وٺي رهي آه??، 2016ع ۾ ٽيلي نار، جڏهن ته 2017ع ۾ جاز اسپيڪٽرم جي نيلامي ۾ حصو ورتو هو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال ملڪ ۾ فائيو جي لانچ ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آه??، ڪابينا پي ٽي اي کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ معياري ٽيلي ڪام سروس کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ انقلاب جا ثمر ملڪ جي هر حصي ۾ عوام کي ميسر اچي سگهن، اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته ڪابينا کي فوجداري قانونن ۾ سڌارن (ڪرمنل لا ريفارمز) پيش ڪرڻ وارين تجويزن ۽ سفارشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مختلف قانونن ۾ مختلف ترميمون متعارف ڪرايون پيون وڃن، انهن سڌارن ۾ قانون کي آسان بڻائڻ ۽ آٽو ميشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن انصاف جي جلد کان جلد فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، انهن تبديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان جو ڪرمنل جسٽس سسٽم تبديل ٿي ويندو. قانون واري وزير فروغ نسيم مختلف قانونن ۾ ترميم جي حوالي سان ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪابينا ترميم جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن جي اصولي طور تي منظور ڏيندي انهن تجويزن کي قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي، هن وقت اهو معاملو قانونسازي واري ڪابينا ڪميٽي ۾ بحث هيٺ ايندو، ۽ ان کانپوءِ ان ڪرمنل ريفارمز کي لاڳو ڪيو ويندو، اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين پارليامينٽ جي ميمبرن جي بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جي تجويز رد ڪري ڇڏي آه??، هن چيو ته اهو فيصلو ان بچت مهم جو حصو آه?? جيڪا وزيراعظم پهرين ڏينهن کان لاڳو ڪئي آه?? جنهن جي نتيجي ۾ وزيراعظم هائوس تمام وڏي بچت ڪئي. قومي اسيمبلي هڪ ارب 54 ڪروڙ روپيا بچت ڪري واپس ڪيا. ڪابينا جي اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي 10 سيڪڙو الائونس ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي ڪابينا چيو ته اهو ان اصول جي خلاف ورزي آه??، وقت جي حڪمران کي مثال ڏئي ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو هن وقت پگهارن ۾ اضافو نه ڏئي رهيو آه??، معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان تجويز کي رد ڪيو ويو آه??، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا کي ٻڌايو ويو آه?? ته 14 آگسٽ 2021ع تي ايف بي آر جي ڊيٽا سينٽر تي سائبر حملي جي پيش نظر ايف بي آر عملدارن پاران پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز 2004ع تي آپريشنل ايمرجنسي کي لاڳو ڪيو ويو ته جيئن ڊيٽا سينٽر جي حفاظت لاءِ سڀئي ضروري قدم هنگامي بنيادن تي کنيا وڃن ۽ ڊيٽا سينٽر جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪابينا انهن قدمن جي توسيع ڪئي، ان حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 14 آگسٽ 2021ع تي ايف بي آر جي ويب سائيٽ کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان جي انڪوائري مڪمل ٿي وئي آه?? ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته ايف بي آر جي ڊيٽا محفوظ رهي، هيڪرز ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهيا، ايف بي آر ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا، هڪ پروفيشنل ڪمپني کي هائير ڪيو جيڪا ڊيٽا پروٽيڪشن کي يقيني بڻائي رهي آه??، ان لاءِ رولز ۾ نرمي ڪئي وئي آه?? ته جيئن هو جلدي هائيرنگ ڪري سگهي، هن ٻڌايو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته هن سال پاڪستاني ويب سائيٽس تي تقريبن 10 لک سائبر حملا ٿي چڪا آه??، اين ٽي سي انهن حملن کي ناڪام بڻايو، پاڪستان جي اندر سائبر سيڪيورٽي جو هڪ جامع فريم ورڪ موجود آه??، اسان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آه??ون، گارڊين اخبار به رپورٽ ڪيو هو ته هندستان اسرائيلي ڪمپني سان گڏجي پاڪستان جي اهم موبائيل فون جي ڊيٽا هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم جو نمبر به شامل هو اسان ان جي لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي هئي اسان جامع ڊيٽا پروٽيڪشن تي ڪم ڪري رهيا آه??ون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته آٽو سيڪٽر ۾ مقامي پيداوار جي ف??وغ (لوڪلائيزيشن) ۽ موجوده ٽيرف جي نظام ۾ پيش آيل ڪجهه مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابينا ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته ايس آر او 655(1) /2006 تحت آمدني واپار تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي، ان سان گڏوگڏ هيوي ڪمرشل وهيڪلز تي به اي سي ڊي جي شرح 7 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪئي وڃي، ان جي نتيجي ۾ وڏين گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، هزار سي سي گاڏين جي سامان جي درآمد تي ايڊيشنل ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آه??، هزار سي سي کان هيٺ جي گاڏين جون قيمتون به گهٽ ٿينديون، هن ٻڌايو ته ڪابينا ”قائداعظم فائونڊيشن ايڪٽ 2021ع“ جي تجويز ڪيل مسودي جي اصولي منظوري ڏني آه??، ان قانون جو مقصد قائداعظم فائونڊِيشن جو قيام آه??، ان کانسواءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ جي پروٽيڪٽر آف اميگرنٽس جي مقرري ۽ بدلين جي منظوري ڏني هئي، چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته درآمد ڪندڙن پاران کان درآمد ٿيندڙ شيون جيڪي ويئر هائوس ۾ موجود آه?? ۽ جن کي وقت سر ڪليئر ناهي ڪرايو ويو ان تي قانون موجب لڳندڙ هڪ سيڪڙو ڏنڊ/سرچارج ۾ 30 سيپٽمبر تائين رعايت ڏني ويندي، ٻي صورت ۾ ان کي 30 سيپٽمبر 2021ع تائين ڪليئر ڪيو وڃي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا ديامرڀاشا ڊولپمنيٽ ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم جي منظوري ڏني، بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ وزيراعظم آفيس جي نمائندي جي جاءِ تي منصوبابندي واري وزارت جي نمائندي کي شامل ڪيو ويو آه??. هن ٻڌايو ته ڪابينا نجڪاري بابت ڪميٽي جي 10 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي حوالي سان ڪيل فيصلي ۾ ترميم جي اجازت ڏني وئي، ڪابينا اداره جاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 12 آگسٽ 2021ع ۽ 2 سيپٽمبر 2021ع اجلا?? ۾ ??يل فيصلن جي توسيع ڪئي وئي. اهڙي طرح اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 سيپٽمبر 2021ع جي اجلا?? ۾ ??يل فيصلن جي به توسيع ڪئي وئي. انهن فيصلن ۾ وائيٽ آئل، پائيپ لائين، ملٽي گريڊ، موومينٽ پراجيڪٽ جي ٽيرف، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي مختلف ڪمپنين جا معاملا، آٽو ڊز ايپل سرنج جي درآمد ۽ ان جي ڪچي مال، ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ نيٽورڪ پاران جوڙيل ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي مانيٽرنگ، اڳوڻي قبائلي علائقن کان فراهم ڪيل گڊز، پوائنٽ آف سيل اينٽي گريشن ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي حوالي سان ٽئين عالمي ٽينڊر جي حوالي سان فيصلا شامل هئا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير ڇو ٿي، هن واضح طور تي حڪم جاري ڪيا هئا، صوبن کي هدايت ڪئي وئي آه?? ته هو فوري طور تي ڪڻڪ جي رليز لاءِ قدم کڻن، اسان کي اميد آه?? ته پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ جي رليز جو شيڊول هڪ ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمت ۾ لاٿ ايندي، اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اوورسيز پاڪستانين جي پاور آف اٽارني جي نظام جي آٽوميشن جي حوالي سان ڪابينا قانونسازي بابت ڪميٽي جي فيصلي جي توسيع ڪئي وئي، ڪابينا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ اڏامن لاءِ پي آءِ اي ۽ ڪرغزستان جي هوائي ڪمنپي ايويا کي اڏامن جي اجازت ڏني، ڪابينا پي ايس او ۽ پاڪ ايل اين جي پاران ايل اين جي جي خريداري تي پيپرا قانونن جي قاعدن موجب ٽائيم لائيز ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني.