اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان ناليواري سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست بڻائڻ جي حوالي سان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري ??وم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان محبت ڪري ??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان تعزيت جو اظه??ر ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظه??ر ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو.