اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن کي ٻن مختلف پاليسي هولڊرز جي بيواهن کي ان??ورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي بيواهن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ۽ ان حوالي سان اسٽيٽ لائيف جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. تفصيل موجب نگينه فاطمه جي مرحوم گهرواري 10 لک رپين جي ان??ورنس پاليسي خريد ڪئي هئي ۽ 31 ڊسمبر 2018ع ۾ 54 هزار 890 رپين جو ساليانو پريميئم ادا ڪيو. فيبروري 2019ع ۾ سندس لاڏاڻي کانپوءِ ان جي بيواهه اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن سان ان??ورنس ڪليم جي ادائيگي جي لاءِ رابطو ڪيو. اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن ان جو ڪو ٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ ان جو ان??ورنس ڪليم رد ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ ڄاڻايل بيواهه پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. اهڙي طرح ريحانه ڪوثر جي مرحوم گهرواري پاليسي جي لاءِ 4 لک 10 هزار جو ساليانو پريميئم ادا ڪيو جڏهن ته جولاءِ 2019ع ۾ هو لاڏاڻو ڪري ويو. ڄاڻايل عورت جو به ڪليم ڪو نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ رد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هن ان??اف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابط ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن جي اپيل رد ڪندي چيو ته آرٽيڪل 32 سان وفاقي محتسب جي آفيس جي قيام جو حڪم نامو 1983 کي وفاقي محتسب اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي شق 14 س??ن ڳنڍڻ تحت ڪو به متاثر ماڻهو وفاقي محتسب جي حڪمنامي جي خلاف 30 ڏينهن ۾ صدر پاڪستان سان رج??ع ڪري سگهي ٿو. انهن ٻنهي ڪيسن ۾ وفاقي محتسب جو فيصلو 26 مئي 2021ع تي ٻڌايو ويو جڏهن ته ان جي خلاف اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن 7 جولاءِ 2021ع تي اپيل ڪئي. صدر چيو ته ڪو قانون اپيل کي دير سان داخل ڪرڻ کي ٻڌڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، اها وقت جي پابندي آهي. دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي اسٽيٽ لائيف جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي. موجوده قانونن تحت دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي تو??يق نه ٿي ڪري سگهجي، فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسٽيٽ لائيف مرحوم پاليسي هولڊرز جي صحت بابت حلف نامن کي چئلينج ناهي ڪيو، اسٽيٽ لائيف پاليسي هولڊرز جي لاڏاڻي کانپوءِ دعويٰ کي رد نه ٿي ڪري سگهي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نوٽيس کانسواءِ دعويٰ رد ڪئي وئي ۽ شڪايت ڪندڙن کي شنوائي جو موقعو فراهم نه ڪيو ويو. اسٽيٽ لائيف ان??اف جون گهرجون پوريون نه ڪيون، درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪليم جي رقم ادا ڪري ۽ ذميوارن جي خلاف ان??باطي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ 30 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.