اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ??ارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ??رڪن جي ذريعي افغانستان ??نتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ??رڪن جي ذريعي افغانستان ??نتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان ??يصلي سان ??رڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم ??لامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.