اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو ۽ اولهه پاڪس??ان اسان جي تاريخ جا 2 ناقابل فراموش واقعا آهن، انهن واقعن پاڪستاني ??وم کي ملڪ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ هڪ نئون جذبو ??نو. آرمي پبلڪ اسڪول سانحي پشاور جي ??رس?? جي موقعي تي گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول ۽ مشرقي پاڪس??ان اسان جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا آهن، انهن واقعن جي شهيدن پاڪستاني ??وم کي ملڪ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ جو هڪ نئون جذبو ??نو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن پوري ??وم پنهنجي انهن شهيدن کي خراجِ عقيدت ۽ سلام پيش ڪري ٿي. حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري رهي آهي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان خلاف ناپاڪ مقصد رکندڙ ڌُرين سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو.