اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پ??ر پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پ??ر پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي آسانيون پيدا ڪيون آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ پ??ر پاڪستانين لاءِ شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پ??ر پاڪستانين جي معاملن واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سمنڊ پ??ر پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي قدمن ۽ چونڊن ?? راءِ جو حق ملڻ تي حڪومت جي پذيرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم خصوصي صلاحڪار کي سمنڊ پ??ر پاڪستانين ۽ سفارت??ان?? جي وچ ?? رابطا وڌائي مسئلن جي حل جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.